ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ڪيترن ئي مهينن کان هلندڙ پاڻيءَ جي سخت کوٽ اڃا تائين ختم نه ٿي سگهي آهي.
آچر ڏينهن ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ جي اوچتي بندش سبب ڪراچي ڏانهن پاڻيءَ جي پهچ بند ٿي وئي، جڏهن ته سومر ڏينهن مک بجليءَ واري تار ۾ خرابي پيدا ٿيڻ سبب حب پمپنگ اسٽيشن جي بجلي به بند ٿي وئي، جنهن ڪري پاڻيءَ جي پهچ وڌيڪ گهٽجي وئي.
هاڻوڪي حالتن ۾ پاڻيءَ جي هر ڦڙي لاءِ سڪندڙ شهري، ٽينڪر هلائيندڙ ٽولن کان ڳرو اگهه ڏئي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي سُخنگو موجب، حب مان ڪراچي ڏانهن روزانو 85 ملين گيلن پاڻيءَ جي پهچ متاثر ٿي رهي آهي.
ٻئي پاسي، ڪي اليڪٽرڪ جي سُخنگو موجب، حب پمپنگ اسٽيشن ڏانهن بجليءَ جي فراهمي متبادل ذريعن وسيلي جاري آهي.