آمريڪا پاران آبناءِ هرمز جي ناڪابندي ختم، ايران سان ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق

واشنگٽن (عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان امڪاني معاهدي بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران کي ان ڳالهه تي متفق ٿيڻو پوندو ته هو ڪڏهن به ائٽمي هٿيار يا بم حاصل نه ڪندو.پنهنجي  سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي جاري ڪيل هڪ پوسٽ ۾ صدر ٽرمپ چيو ته آبنائي هرمز کي فوري طور تي بنا ڪنهن ٽول ٽيڪس جي مڪمل طور تي کوليو وڃي ته جيئن جهازن جي آمد و رفت بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي سگهي. آمريڪي نيوز سائيٽ موجب، آمريڪا ۽ ايران 60 ڏينهن جي مفاهمتي ياداشت تي متفق ٿي ويا آهن، جنهن جي حتمي منظوري صدر ٽرمپ ڏيندو.ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سمنڊ ۾ بارودي سرنگون موجود آهن ته انهن کي ختم ڪيو ويندو. آمريڪا اڳ ئي پنهنجي جديد مائن سويپرز جي ذريعي ڪيتريون ئي سرنگون تباهه ڪري چڪو آهي، جڏهن ته باقي رهيل بارودي سرنگن کي ايران فوري طور تي هٽائيندو يا تباهه ڪندو. هن چيو ته آمريڪي بحري ناڪابندي هاڻي ختم ڪئي ويندي ۽ ان ناڪابنديءَ سبب آبنائي هرمز ۾ ڦاٿل جهاز هاڻي واپسيءَ جو عمل شروع ڪري سگهن ٿا.ٽرمپ جي بيان موجب، افزوده ٿيل ائٽمي مواد جيڪو گذريل سال آمريڪي بمبار جهازن جي حملي جي نتيجي ۾ زيرِ زمين دٻجي ويو هو، ان کي آمريڪا ٻاهر ڪڍندو. سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ چين اهي اڪيلا ملڪ آهن جيڪي ان ڪم جي فني (تڪنيڪي) صلاحيت رکن ٿا. هي عمل ايران ۽ بين الاقوامي ائٽمي توانائي ائجنسي (IAEA) سان ويجهي تعاون ذريعي ڪيو ويندو ۽ افزوده ٿيل مواد کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويندو.آمريڪي صدر واضح ڪيو ته ٻيو ڪو حڪم اچڻ تائين ڪنهن به قسم جي مالي ادائگي نه ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻين گهٽ اهم معاملن تي اتفاق ٿي چڪو آهي. ٽرمپ چيو ته هو ان معاملي تي حتمي فيصلو ڪرڻ لاءِ ”سچوئيشن روم“ ۾ اجلاس ڪرڻ وڃي رهيو آهي.

تھران (عوامي آواز نيوز) ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا سان امڪاني معاهدو ايران ۾ توثيق (منظوري) جي آخري مرحلن ۾ آهي، پر ان تي اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي  ڪيو ويو.خبرون ڏيندڙ ايجنسي ”فارس“ موجب، باخبر ذريعن ايران سان امڪاني معاهدي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن کي رد ڪندي انهن کي ”سچ ۽ ڪوڙ جو مجموعو“ قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهي بيان هڪ من گهڙت فتح ڏيکارڻ جي ڪوشش آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايران واضح ڪيو آهي ته هو آمريڪي ناڪابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ آبنائي هرمز کي پنهنجي طئي ٿيل شرطن موجب ٻيهر ڪوليندو. ائجنسي موجب، ٽرمپ جو اهو دعويٰ ته ايران بنا ڪنهن فيس جي آبنائي هرمز کولڻ جو پابند آهي، معاهدي جو حصو ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران پاران آبنائي هرمز کولڻ جي منصوبي ۾ جهازن جي نگراني، تلاشي، سهولتن جي فراهمي ۽ سيڪيورٽي اپاءَ شامل ٿي سگهن ٿا.ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، ذريعن ان ڳالهه تي به زور ڏنو آهي ته مفاهمتي ياداشت ۾ ايران جي ائٽمي مواد کي تباهه ڪرڻ بابت ڪا به شق شامل ناهي ۽ ان حوالي سان ڪيا ويندڙ دعويٰ مڪمل طور بي بنياد آهن.رپورٽ موجب، ايم او يو  ۾ ايران جي منجمد ٿيل اثاثن مان فوري طور تي 12 ارب ڊالرن جي ادائگي به شامل آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان مفاهمتي ياداشت ۾ لبنان ۾ حزب الله جي موقف موجب مڪمل جنگ بندي پڻ شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.