آمريڪي ميڊيا ايران سان ڊيل جو مسودو سامهون آڻي ڇڏيوٰ

واشنگٽن ڊي سي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تجويز ڪيل مفاهمتي يادداشت جا اهم نقطا سامهون آڻي ڇڏيا آهن. آمريڪي ميڊيا رپورٽ موجب آبنائي هرمز کوليو ويندو، ايران ڪنهن به قسم جي فيس وصول نه ڪندو ۽ پاڻ طرفان وڇايل بارودي سرنگهون به هٽائيندو.

رپورٽ موجب ان جي جواب ۾ آمريڪا ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي ختم ڪندو ۽ ايران کي تيل جي آزاداڻي وڪري جي اجازت ڏني ويندي. آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تجويز ڪيل مفاهمتي يادداشت جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جڏهن ته هڪ آمريڪي عهديدار موجب اهو سڀ ڪجهه معاهدي تحت جنگ بندي ۾ 60 ڏينهن جي واڌ دوران عمل ۾ آندو ويندو.

آمريڪي عهديدار موجب مفاهمتي يادداشت ۾ اهو واعدو پڻ شامل هوندو ته ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو، جڏهن ته يورينيم افزودگي پروگرام جي معطلي ۽ انتهائي افزودايورينيم جي ذخيرن جي خاتمي بابت به ڳالهيون ڪيون وينديون. آمريڪي عهديدار موجب تازو مقرر ڪيل آمريڪي فوجون خطي ۾ موجود رهنديون ۽ حتمي معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ واپس وينديون، جڏهن ته مسودي ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ويڙهه بند ڪرائڻ جو ذڪر به شامل هوندو.

رپورٽ موجب وائيٽ هائوس پراميد آهي ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن اندر باقي رهيل اختلاف ختم ڪري آچر تي ئي معاهدي جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته ايران جي طرفان اڃا تائين مسودي جي تفصيلن جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.