سنڌ ۾ عيدالاضحيٰ جي هڪ موڪل گهٽائي وئي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موڪلن جو نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 26 مئي کان 28 مئي تائين موڪلن جو اعلان ڪيو آهي.

رپورٽ موجب ان حوالي سان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب 9 کان 11 ذي الحج 1447 هجري تائين موڪلون هونديون.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عيدالاضحيٰ تي ملندڙ 4 ڏينهن جي موڪلن کي گهٽ ڪري 3 موڪليون ڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ ۾ سرڪاري طور تي عيدالاضحيٰ جي 4 موڪلن جو اعلان ڪيو ويو هو.

22 مئي (جمعي) تي جاري ٿيڻ واري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 26 مئي کان 29 مئي تائين موڪلون هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.