واٽس ايپ پاران يوزرنيم فيچر کي متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي جنهن سان واهپيدار هن پليٽ فارم تي فون نمبر شيئر ڪرڻ کانسواءِ ماڻهن سان ڳالهائي سگهندا.
رپورٽ موجب هن فيچر ۾ واهيپدار انسٽاگرام جيان پنهنجا منفرد يوزر نيم تيار ڪري سگهندا. جڏهن توهان سان ڪو واٽس ايپ واهيپدار رابطو ڪندو ته ان جي سامهون فون نمبر جي بجاءِ رڳو يوزر نيم نظر ايندو. يوزر نيم فيچر آپشنل هوندو ۽ توهان واٽس ايپ کي فون نمبر سان به استعمال ڪري سگهندا.
هر اڪائونٽ کي هڪ يوزر نيم رکڻ جي اجازت هوندي، جنهن سان چيٽس يا اڪائونٽ سيٽنگز متاثر نه ٿيندي. جڏهن ته فون نمبر مسلسل اڪائونٽ سان ڳنڍيل رهندو جنهن کي لاگ ان يا ريڪوري لاءِ استعمال ڪري سگهبو، پر ٻين کي نظر نه ايندو.
رپورٽ موجب اڃا هي فيچر دستياب ناهي ڪيو ويو پر هن کي استعمال ڪرڻ ڏکيو ناهي. ان لاءِ اينڊرائيڊ يا آءِ فون ۾ واٽس ايپ اوپن ڪرڻو پوندو. ان کانپوءِ سيٽنگز ۾ وڃڻو پوندو ۽ اُتي پروفائيل نيم تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو. پروفائيل نيم تي ڪلڪ ڪرڻ سان نئون پيج اوپن ٿيندو، ان کانپوءِ اُتي يوزر نيم آپشن تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو، جڏهن به اهو دستياب ٿيندو.
ان مرحلي ۾ پنهنجو يوزر نيم چونڊڻو پوندو جنهن لاءِ 3 کان وٺي 35 لفظن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو، يوزرنيم کانپوءِ توهان ان کي فون نمبر جي بجاءِ ٻين ماڻهن سان چيٽ لاءِ شيئر ڪري سگهندا.
هي فيچر اهڙن ماڻهن جي چيٽ لاءِ ڪارائتو اهي جن کي توهان ذاتي طور نٿا سڃاڻو جنهن سان کين توهان جي فون نمبر تائين رسائي نه ملندي.
واٽس ايپ موجب يوزرنيم فيچر کي محدود واهيپدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. پر ايئن چيو ويو آهي ته جون 2026 ۾ ان کي وڏي پيماني تي متعارف ڪرايو ويندو.