ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرمين جو موسم جيئن چمڙي کي متاثر ڪندو آهي اهڙي ريت وارن جي صحت لاءِ به ڪنهن امتحان کان گهٽ ناهي. رپورٽ موجب هڪ ڏينهن وار شيمپو جي اشتهار جهڙا خوبصورت لڳندا آهن ته ٻئي ڏينهن وهاڻي، ڦڻي، ڪپڙن ۽ باٿ روم ۾ ڇڻندا آهن. جيئن توهان به وارن جي ڇڻڻ کان پريشان آهيو ته ممڪن آهي ان جو ڪارڻ مهانگا پروڊڪٽس نه پر توهان جي روزاني جون ڪجهه عادتون هجن.
1. ضروت کان وڌيڪ هيٽ اسٽائلنگ:
بار بار اسٽريٽنر، ڪرلر يا هيئر ڊرائر استعمال ڪرڻ سان وار خشڪ ۽ ڪمزور ٿي ويندا آهن. ماهرن موجب هيٽ اسٽائلنگ گهٽ ڪيو ۽ هميشا هيٽ پروٽيڪٽنٽ ضرور استعمال ڪيو.
2. روزانو وار ڌوئڻ:
روزانو شيمپو ڪرڻ سان وارن جو قدرتي تيل ختم ٿي ويندو آهي، جيڪو وارن جي نمي ۽ صحت لاءِ ضروري هوندو آهي، وارن جي قسم موجب هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا وار ڌوئڻ بهتر آهي.
3. سخت ڪيميڪل وارا شيمپو:
ڪجهه شيمپو اهڙا جزا رکندا آهن جيڪي وارن کي خشڪ ۽ بي جان بڻائي ڇڏيندا آهن، هلڪا شيمپو استعمال ڪريو جيڪي وارن کي نقصان پڄائڻ بنا صفائي ڪن.
4. سخت ٽائيٽ هيئر اسٽائيل:
سخت پوني ٽيل يا سخت هيئر اسٽائل وارن جي پاڙ کي ڪمزور ڪندو آهي ۽ وارن جو ڇڻن تيز ڪري ڇڏيندو آهي، آرامداهه هيئر اسٽائيل وارن جي صحت لاءِ بهتر هوندا آهن.
5. ڪنڊيشنر استعمال نه ڪرڻ:
جيئن توهان رڳو شيمپو استعمال ڪندا آهيو ۽ ڪنڊيشنر کان پاسو ڪندا آهيو ته توهان جا وار متاثر ٿي سگهن ٿا، ڪنڊيشنر وارن ۾ نمي برقرار رکڻ ۽ وارن کي نرم رکڻ ۾ ڪارائتو آهي.
6. ٽوال سان زور زور سان وار خشڪ ڪرڻ:
آلن وارن کي سختي ءَ سان مهٽڻ سان وار رُکا ٿي ويندا آهن ۽ وار ڇڻڻ تيز ٿي سگهي ٿو، وارن کي آهستا سان خشڪ ڪريو يا مائيڪرو فائيبر ٽوال استعمال ڪريو.
7. آلن وارن ۾ سخت برش ڪرڻ:
آلا وار وڌيڪ ڪمزور ٿيندا آهن ۽ سولائي سان ڇڻي سگهن ٿا، وائيڊ ٽوٿ ڪومب (وڏن ڪنڊن واري ڦڻي) استعمال ڪريو ۽ ڦڻي هميشا وارن جي پڇاڙيءَ کان ڪريو.
8. گهڻو گرم پاڻي استعمال ڪرڻ:
گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ سڪون ڏيندو آهي پر وارن جي نمي ختم ڪري ڇڏيندو آهي، ماهرن نيم گرم پاڻي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
9. غيرصحتمند غذا:
رڳو فاسٽ فوڊ، سنيڪس ۽ ڪولڊ ڊرنڪس تي گذارو ڪرڻ سان وار ڪمزور ٿي سگهن ٿا، پروٽيس، سبزيون ۽ ميوو وارن جي مضبوطيءَ لاءِ ضروري آهن.
10. تيل نه لڳائڻ:
قدرتي تيل مثال ناريل، روزميري يا آرگن آئل وارن ۽ اسڪيلپ کي غذائيت فراهم ڪندا آهن.
هلڪي مالش رت جي وهڪري کي بهتر بڻائيندي آهي ۽ وارن جي نشونما ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندي آهي. ماهرن موجب خوبصورت ۽ صحت مند وار رڳو مهانگن پراڊڪٽس سان نه پر سٺين عادتن سان به حاصل ٿيندا آهن.