ڪوئيٽا ۾ ريلوي پٽڙي تي ڌماڪو، ايف سي اهلڪار سوڌو 14 ماڻهو مارجي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ چمن ڦاٽڪ ويجهو ريلوي ٽريڪ تي زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ايف سي اهلڪارن سميت 14 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب ڌماڪو چمن ڦاٽڪ ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ٿيو. ڌماڪو ايترو ته شديد هو، جو ان جي ڌماڪي جي آواز سبب ويجهن عمارتن جا شيشا ۽ دريون به ٽٽي پيون، ڌماڪي سبب ٽرين ۽ ويجهو بيٺل 10 گاڏين کي به نقصان پهتو آهي.

ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي ڪوئٽا اسٽيشن تي ئي روڪي ڇڏيو ويو آهي.

ڌماڪي کانپوءِ سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ڊاڪٽرن توڙي طبي عملي کي طلب ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي سول سينڊمين اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير جي صلاحڪار شاهد رند ٻڌايو ته چمن ڦاٽڪ ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 14 ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهيدن ۾ ايف سي جا 3 جوان به شامل آهن. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ڪيترين ئي عورتن ۽ ٻارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

شاهد رند جو چوڻ آهي ته دهشتگردن بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو آهي. سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ جاچ جو عمل جاري آهي. هن چيو ته عوامي هنڌن کي نشانو بڻائڻ دهشتگردن جي بوکلاهه جو ثبوت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.