اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ عورت ڊرگ ڊيلر منهنجو نالو ورتو، ان عورت جي وڪيل چيو ته مون تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته راجا پرويز اشرف جو نالو وٺان۔قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته مون بي داغ زندگي گذاري آهي، ان عورت پهرين ڪنهن ٻي شخص جو نالو ورتو هو، اهڙو نظام هجڻ گهرجي جو جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن جو نالو نه ورتو وڃي، نظام نه هجڻ سبب شريف ماڻهن جا پٽڪا لاٿا وڃن ٿا عورت جي طرفان وضاحت اچي وئي، پر سوشل ميڊيا تي ڳالهه جاري رهي۔هن چيو ته سوشل ميڊيا لاءِ ڪجهه حدون مقرر ٿيڻ گهرجن، بي بنياد الزامن جي اجازت اسان جو مذهب به نٿو ڏئي، اسان جون به فيمليون آهن، اهڙين ڳالهين سبب اسان لاءِ ڏکيائي پيدا ٿي وڃي ٿي، معاملي جو نوٽيس وٺڻ تي اسپيڪر جو ٿورائتو آهيان۔قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته قومي اسيمبلي ۾ هڪ وي لاگر الزام لڳايا، جنهن خلاف اسان ڪارروائي شروع ڪئي آهي، غلط الزام لڳائيندڙن خلاف ڇا اسان کي ڪارروائي نه ڪرڻ گهرجي؟ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته راجا پرويز اشرف جي سٺي ڪردار سبب ڪو به انهن الزامن تي يقين نٿو ڪري، حڪومت هر ميمبر جي عزت لاءِ ڪنهن به فورم تي ويندي ۽ سخت ڪارروائي ڪندي، جڏهن ته هوشيار جوابدار وڏا نالا وٺي جاچ جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا ۽ روايتي ميڊيا تي هن منشيات واري ڇوڪري کي بار بار ڏيکاريو ويو، ميڊيا جي هن ڪردار جو پيمرا ۽ اطلاعات واري وزارت کي جائزو وٺڻ گهرجي۔ اسپيڪر چيو ته منشيات اڏوهي وانگر سماج ۽ نوجوان نسل کي کائي رهي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پڻ چونداسين ته منشيات روڪڻ لاءِ تيزي سان قدم کنيا وڃن۔