اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جو وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر به اک جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
سلمان صفدر اک جي معائني لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ سبب اپيلن جي فوري پيروي ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪئي آهي.
وڪيل سلمان اڪرم راجا سلمان صفدر جي طرفان درخواست پيش ڪندي ٻڌايو ته کيس اک جي بيماري آهي.
سلمان اڪرم راجا عمران خان جي سزا معطل ڪرڻ واري درخواستن جي ٻڌڻي نه ڪرڻ خلاف اپيل لاءِ مهلت جي درخواست به ڪئي آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا الزام لڳايو هو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان تي تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ سندس هڪ اک ضايع ٿي چڪي آهي.
سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي صحت کي سنگين خطرا لاحق آهن ۽ کين ملاقاتن بابت عدالتي فيصلن تي به عمل نه ڪيو پيو وڃي.