حڪومت جي سخاوت، وڏي واڌ کان پوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ رڳو 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي، وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول جي  قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 409 رپيا 78 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ به 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 409 رپيا 58 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، حڪومت طرفان پيٽرول اگهن ۾ پنج رپين تائين گهٽتائي تي عوام طرفان حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي، عوام جو چوڻ هو ته ٻه ڀيرا پيٽرول اگهن ۾ وڏي واڌ ڪري صرف پنج رپين تائين گهٽتائي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جا اگهه گهٽ ٿين ٿا ته حڪومت پيٽرول تي ليوي لڳائي عوام مٿان ظلم ڪري ٿي، سخت تنقيد کان پوءِ صرف پنج رپين جي گهٽتائي قبول ناهي، جڏهن ته گذريل هفتي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 14 کان 15 رپين تائين واڌ ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.