ڪوهلي ڀارت لاءِ 2027 وارو ورلڊ ڪپ کيڏندو يا نه؟ وڏي خبر اچي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي نيٺ بين عالمي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي مستقبل ۽ 2027 ون ڊي ورلڊ ڪپ کيڏڻ بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ڀارتي ڪرڪيٽر هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته ”منهنجو نقطو تمام واضح آهي، جيڪڏهن مون کي لڳندو ته منهنجي ڪري ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو يا مان ڪجهه سٺو ڪري سگهان ٿو ته مان لازمي ورلڊ ڪپ ۾ نظر ايندس، پر جيڪڏهن مون محسوس ڪيو ته مون کي پنهنجي ويليو ڏيکارڻي پوندي يا پاڻ کي ثابت ڪرڻو پوندو، پوءِ اهو ڏکيو هوندو.“
هن چيو ته ” مان پنهنجي راند ۾ ايماندار آهيان، پنهنجو ڪنڌ نوائي رکيو، مان محنت ڪيان ٿو ۽ رب جو شڪر ادا ڪيان ٿو جنهن مون کي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ اهڙو مقام عطا ڪيو آهي.“
هن چيو ته ”جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته مان ون ڊي ميچ ۾ 40 اوورن لاءِ بائونڊري کان بائونڊري تائين ڊوڙان؟ مان اهو بنا ڪنهن شڪايت جي ڪندس، مون کان ڪيترا ئي ڀيرا پڇيو ويو ته ڇا مان 2027 جو ورلڊ ڪپ کيڏندس؟“
ڪرڪيٽر وڌيڪ واضح ڪندي چيو ته ” ڪو پنهنجو گهر يا پنهنجو چاهه، جنون ڪيئن ڇڏي سگهي ٿو؟ ڀارت لاءِ ورلڊ ڪپ کيڏڻ مون لاءِ هميشه اعزاز رهيو آهي، مان ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيان ٿو.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.