جهجهيون پگهارون، ڪارڪردگي ٻُڙي، قومي ڪرڪيٽرن جي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ڦيرڦار جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ وڏي پئماني تي ڦيرڦار جو امڪان آهي.
سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو فنانشل ماڊل 30 جون تي ختم ٿي ويندو جڏهن ته نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو مدو پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي فنانشل ماڊل بابت فيصلو ڪندو.
پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي دور ۾ 2023 ۾ 3 سالن لاءِ فنانشل ماڊل متعارف ڪرايو ويو هو جنهن کي پي سي بي جي موجوده چيئرمين محسن نقوي جي دور ۾ تبديل ناهي ڪيو ويو پر فٽنيس ۽ پرفارمنس جي بنياد تي رانديگرن جي ڪيٽيگريز ۾ ڦيرڦار ڪئي ويندي آهي.
هاڻي پهرين جولاءِ کان نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو مدو شروع ٿيندو، ان سلسلي ۾ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي نالن جي حوالي سان شروعاتي ڳالهه ٻول جاري آهي.
گذريل سال 30 ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو هو ۽ پهرين ڀيرو اي ڪيٽيگري ۾ ڪو به ڪرڪيٽر شامل نه هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ وڏي پئماني تي ڦيرڦار ٿيندي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ موجود ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن جي ڪيٽيگريز ۾ تنزلي ۽ ترقي ٿيندي.
سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ محمد نواز، عبدالله شفيق، فهيم اشرف، حسين طلعت ۽ خوشدل شاهه جي شموليت جو امڪان گهٽ آهي جڏهن ته اذان اويس ۽ عبدالله فضل سميت ڊوميسٽڪ پرفارمرز جي شموليت جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.