تهران (ويب ڊيسڪ)ايران جي آرمي چيف ميجر جنرل امير حاتمي چيو آهي ته ايمان جي طاقت ئي آهي جيڪا هڪ ايف-5 جنگي جهازن کي آمريڪي فوجن جي ڪويت ۾ موجود اڏن جي مٿان گهرائي تائين پهچائي سگهي ٿي، ان جي باوجود ته انهن وٽ جديد زميني ۽ فضائي دفاعي نظام موجود آهن.
ميجر جنرل امير حاتمي چيو ته ملڪ جون هٿياربند فوجون پنهنجي سموري قوت سان ايران جي علائقائي سالميت ۽ آزادي جو ڀرپور دفاع ڪنديون.
هن وڌيڪ چيو ته اسان ايران جي عوام کي يقين ڏياريون ٿا ته اسان ان پاڪ مشن کي پنهنجي سموري توانائي ۽ وسيلن سان، رت جي آخري ڦڙي تائين ۽ انشاءَ الله مڪمل فتح تائين جاري رکنداسين.