ٻُڙي، ٻُڙي کانپوءِ ڪوهلي جو ڪولڪتا کي ٻَرو، ڪيئي رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيائين

رائيپور(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هڪ ٻيو تاريخي اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي فرنچائز رائل چيلنجرز بئنگورو(آر سي بي) نمائندگي ڪندڙ ويرات ڪوهلي ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز خلاف ميچ ۾ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ 14 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ دنيا جو تيز ترين بيٽر بڻجي ويو آهي.
ڪوهلي اهو ڪارنامو رڳو 409 اننگز ۾ انجام ڏنو.
ان کان اڳ اهو رڪارڊ ويسٽ انڊيز جي جارح مزاج بيٽر ڪرس گيل وٽ هو، جنهن 423 اننگز ۾ 14 هزار رنز مڪمل ڪيون هيون.
ويرات ڪوهليءَ جي هن رڪارڊ کي مختصر فارميٽ ۾ سندس ڊگهي ۽ ڪامياب ڪيريئر جو هڪ ٻيو سنهري باب قرار ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.