دبئي (ويب ڊيسڪ) پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندڙ بنگلاديشي فاسٽ بالر ناهيد رانا آءِ سي سي ايوارڊ کٽي ورتو آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان اپريل جي مهيني لاءِ ”پليئر آف دي منٿ“ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
نوجوان پيسر ناهيد رانا اپريل ۾ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز جي ٽن ميچن ۾ 8 وڪيٽون حاصل ڪري شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري هئي.
ناهيد رانا ان کان اڳ مارچ ۾ به پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز ۾ 8 وڪيٽون وٺي پاڻ مڃائي چڪو هو.
هي پهريون ڀيرو آهي ته ناهيد رانا آءِ سي سي جو ”پليئر آف دي منٿ“ ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو آهي، هو مهدي حسن ميراز کانپوءِ اِهو اعزاز حاصل ڪندڙ ٻيو بنگلاديشي مرد ڪرڪيٽر آهي.