ايڪس (ٽوئيٽر)۾ واهپيدارن لاءِ هڪ ڪارائتي فيچر جي واڌ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب ايڪس ۾ هڪ نئين هسٽري ٽيب کي متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪا بڪ مارڪس، لائيڪس، آرٽيڪلز ۽ اهڙين وڊيوز جو مرڪز هوندي جن کي توهان ڏسي چڪا آهيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايڪس جي پراڊڪٽ هيڊ نڪيتا بيئر چيو ته هن فيچر کي سڀ کان پهريون آءِ او ايس جي ايپ لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي، هن چيو ته هن سان توهان مواد کي وڌيڪ سولائي سان ڏسي سگهو ٿا. هن فيچر کانپوءِ ايڪس ۾ پراڻي بڪ مارڪ ٽيب کي هسٽري ۾ تبديل ڪيو ويندو. هن ۾ موجود سمورو مواد رڳو واهپيدار پاڻ ڏسي سگهندو. ڪمپني موجب بڪ مارڪس ۽ جن ٽوئيٽس کي توهان لائيڪ ڪندا هو اُتي محفوظ رهندا. اهڙي ريت وڊيوز ۽ آرٽيڪل سيڪشنز ۾ اهو مواد موجود هوندو جيڪو توهان ايڪس تي ڏسي چڪا هوندا.