واٽس ايپ ۾ هاڻي اي آءِ سان ڳالهه ٻولهه کي ميٽا ڪمپني به نه پڙهي سگهندي!

واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر اچي ويو آهي جيڪو هن ميسيجنگ ايپ ۾ پهريون موجود نه هيو. جيئن گوگل ڪروم ۾ انڪوگنيٽو موڊ استعمال ڪيو ويندو آهي، ايئن ئي هاڻي واٽس ايپ ۾ به استعمال ڪري سگهبو.

رپورٽ موجب واٽس ايپ پاران انڪوگنيٽو چيٽس ود ميٽا اي آءِ نالي فيچر متعارف ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جيئن ته نالي مان ظاهر ٿيئي ٿو ته هن فيچر سان واهپيدار ميٽا اي آءِ چيٽ بوٽ سان واٽس ايپ اندر پرائيويٽ چيٽ ڪري سگهندا.

رپورٽ موجب پرائيويٽ جو مطلب آهي ته ميٽا اي آءِ سان ٿيڻ واري چيٽ ڪير به نه پڙهي سگهندو، ايتريقدر جو ميٽا ڪمپني به نه پڙهي سگهندي.

رپورٽ موجب ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته هي ڪوگنيٽو موڊ واٽس ايپ ۾ موجود ٻين اي آءِ چيٽ بوٽس لاءِ فراهم نه ڪيو ويندو ۽ ان کي تيار ڪرڻ واريون ڪمپنيون واهپيدارن جي سوالن ۽ جوابن کي ڏسي سگهنديون.

ڪمپني موجب ميٽا اي آءِ سان انڪوگنيٽو چيٽس کي اهڙي محفوظ ماحول ۾ پراسيس ڪيو ويندو جو ميٽا کي به ان تائين رسائي نه هوندي.

رپورٽ موجب هن چيٽ ۾ باءِ ڊيفالٽ سمورا پيغام پاڻمرادو غائب ٿي ويندا.

ڪمپني ٻڌايو ته اهو فيچر متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي ۽ جلد واهپيدارن وٽ موجود هوندو. ان کانپوءِ ايندڙ مرحلي ۾ ڪجهه مهينن کانپوءِ سائيڊ چيٽ پروٽيڪٽڊ باءِ پرائيويٽ پراسيسنگ نالي فيچر متعارف ڪرايو ويندو.

سائيڊ چيٽس فيچر ۾ انڪوگنيٽو موڊ استعمال ڪري سگهبو جڏهن ته مرڪزي ڳالهه ٻولهه متاثر نه ٿيندي يا محفوظ رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.