ڀارت ۾ ڳالهين جي حمايت ۾ اُٿندڙ آواز هاڪاري آهن، مودي سرڪار جي جواب جا منتظر آهيون: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت ۾ ڳالهين بابت اُٿندڙ آوازن کي هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت ۾ هاڻي ڳالهين بابت اُٿندڙ آواز هاڪاري اڳڀرائي آهن، اسان اهڙن آوازن تي ڀارتي حڪومت جي هاڪاري ردعمل جا منتظر آهيون، جڏهن ته ٽريڪ ٽو يا بيڪ ڊور رابطن بابت ڪا ڄاڻ ناهي.
ان کانسواءِ پاڪستان بنون فتح خيل پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته معاملي تي افغان ناظم الامور کي طلب ڪري احتجاجي ڊيمارش ڏنو ويو.
شروعاتي جاچ موجب، حملي جي منصوبابندي افغان سرزمين تان ڪئي وئي، پاڪستان دهشتگرد نيٽ ورڪن ۽ سهولتڪارن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.
ترجمان موجب، آمريڪا ۽ چين ۾ رابطن کي ڏسي رهيا آهيون، وزيراعظم جي چين جي دوري بابت تاريخ فائنل ٿيڻ تي اعلان ڪيو ويندو، پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ سفارتڪاري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين تي يقين رکي ٿو.
ترجمان سي بي ايس جي ايراني جهاز بابت رپورٽ کي ورغلائيندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته ايراني جهاز سفارتي عملي ۽ انتظامي معاملن لاءِ جنگ بندي دوران اسلام آباد آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.