ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سينيئر اداڪارا تبو پاران انڊسٽري ۾ عورتن جي عمر ۽ ڪم بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، باليووڊ اداڪارا انڊسٽري ۾ عمر جي اثرن بابت تفصيلي ويچار ونڊيا ۽ چيو ته بالي ووڊ ۾ اداڪارا جي صلاحيتن کان وڌيڪ سندس عمر تي زور ڏنو ويندو آهي.
اداڪارا چيو ته ماڻهن توهان جي عمر بابت توهان کان وڌيڪ ڳڻتي هوندي آهي، هو توهان جي آڏو آئينو رکڻ چاهيندا آهن، ڄڻ ته توهان وٽ گهر ۾ آئينو نه هجي.
هن چيو ته عمر هڪ ڏينهن ۾ ناهي وڌندي، اها روزاني جي تجربي جو نالو آهي، انڊسٽري ۾ اڪثر عورتن کي ڳالهه ٻول ۾ مهارت يا ڊپلوميسي اختيار ڪرڻ جون صلاحون ڏنيون وينديون آهن.
اداڪارا جو چوڻ هو ته کيس اڪثر چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن فلم جو حصو ناهي بڻجڻو ته اصل سبب نه ڄاڻايو، بس تاريخن جو بهانو بڻايو، پر مان ائين ناهيان ڪندي. جيڪڏهن مونکي ڪهاڻي نه وڻي ته چونديس نه وڻي۽ مان اهو ئي چوندي آهيان.
واضح رهي ته تبو جي آخري رليز فلم ”ڀوت بنگلا“ هئي، هوءِ اڄڪلهه نگرانجنا اڪيني جي 100 هين فلم ”ڪنگ 100“ جي شوٽنگ مصروف آهي.