لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مريم نفيس چيو آهي ته اسان جي دين ۾ آهي ته جڏهن پٽن جون شاديون ٿي وڃن ته کين الڳ رهڻ ڏنو وڃي.
مريم نفيس ويجهڙ ۾ هڪ خانگي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شاديءَ کانپوءِ پٽن جي مائٽن (مائرن) جي رويي بابت ڳالهه ٻول ڪئي.
اداڪارا چيو ته اسان جي دين ۾ آهي ته ٻارن جي شاديءَ کانپوءِ کين الڳ رهڻ ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته هر ڪٽنب کي پرائيويسي ۽ پنهنجي اسپيس جي ضرورت هوندي آهي.
هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”منهنجو پٽ عيسٰي اڃا ٻن سالن جو به ناهي ٿيو، پر مون سوچي ڇڏيو آهي ته جڏهن هو وڏو ٿيندو ۽ سندس شادي ٿيندي ته اسين کيس ڌار ڪري ڇڏينداسين، اسان مٿس ڪنهن به قسم جو بار نه وجهنداسين ۽ اهو سندس گهر واريءَ جو ڪم ناهي ته هوءَ اسان کي سنڀالي.“
اداڪارا موجب، جيڪڏهن ايترا وسيلا ناهن جو ماءُ پيءُ پٽ کي الڳ گهر ڏئي سگهن يا پٽ پاڻ وٺي سگهي، ته ساهرن کي گهرجي ته نئين آيل ڪنوار کي سندس ڪمري ۽ رڌڻي لاءِ اسپيس ڏين، ڇاڪاڻ ته ائين ذهني طور ڪرڻو هوندو آهي.
مريم چيو ته جڏهن سَسُون اِهو سوچي ڇڏينديون آهن ته جيڪو اسين ڪري رهيون آهيون اهو ئي صحيح آهي ۽ نئون ڀاتي گهر ۾ ڪا به تبديلي نه ٿو ڪري سگهي ته اتان ئي مسئلا پيدا ٿيندا آهن، ٿي سگهي ٿو اها ڇوڪري ڪجهه بهتر ئي ڪري.