نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ساهرن طرفان شادي ۾ سوني جي چين نه ملڻ تي ننهن کي مبينا طور تي قتل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هلندڙ مهيني 23 سالن جي سنجو ڪماري جي شادي ونود پال نالي شخص سان ٿي هئي. سنجو جي گهرڀاتين پنهنجي وت کان وڌيڪ شاهاڻي انداز شادي ڪئي هئي، جنهن ۾ هنن ڌيءَ کي ڏاج ۾ 4 لک رپيا روڪ، موٽرسائيڪل، فريج، فرنيچر ۽ ٿانوَن سميت ساهرن کي ٻيا تحفا پڻ ڏنا هئا.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گهوٽ جي گهر وارن شادي واري ڏينهن ڏاج ۾ سوني چين جو مطالبو ڪيو هو، جنهن تي سنجو جي گهر وارن اها جلد ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.
سنجو جي ڀاءُ شيووم موجب سندس ڀيڻ کي ساهرن طرفان مهڻا ڏنا ويندا هئا ته شادي ته وڏي ڌام ڌوم سان ڪيائون پر هڪ سوني چين نه ڏئي سگهيا.
سندس چوڻ مڙس، سس، سهري ۽ نڻان طرفان سنجو کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ کيس گهر وارن سان رابطو به ڪرڻ نه ڏيندا هئا.
شيووم موجب، جڏهن هن پنهنجي ڀيڻويي ونود سان رابطو ڪري سنجو جي گهر اچڻ بابت پڇيو ته سس فون کسي ورتو ۽ چيو ته ”هاڻي تنهنجي ڀيڻ زنده نه ايندي، هتان سندس لاش نڪرندو“.
فون ڪال دوران کيس پنهنجي ڀيڻ جي رڙين جا آواز به ٻڌڻ ۾ آيا ۽ پوءِ ڪال ڪٽجي وئي.
سنجو جي وارثن الزام لڳايو آهي ته سندن نياڻي کي گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو ۽ ثبوت ختم ڪرڻ لاءِ سندس آخري رسمون به ادا ڪيون ويون. سنجو جي گهر وارن طرفان ساهرن خلاف پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي وئي، جنهن تي ڪارروائي ڪندي پوليس سس کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
پوليس موجب، جاچ دوران سس سمترا ديوي دعويٰ ڪئي آهي ته سوني جي چين تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن کانپوءِ سنجو آپگهات ڪري ڇڏيو.
You might also like