اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن وڏي واڌ جو بنيادي سبب 117 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي جو لاڳو ٿيڻ آهي.
اجلاس دوران وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ پيٽروليم ڊويزن جي عملدارن ميمبرن کي آگاهي ڏني.
ڪميٽي ميمبر سيف الله ابڙو جي سوال تي اختيارين ٻڌايو ته پيٽروليم شين تي ٽيڪس ۽ ليوي جي شرح سبب اگههه وڌيڪ آهن، جنهن ۾ 117 رپيا رڳو ليوي شامل آهي.
سيف الله ابڙو اعتراض واريندي سوال اُٿاريو ته 28 فيبروري کانپوءِ اوچتو پيٽرول ۽ ڊيزل 55 رپيا مهانگو ڪيو ويو؟
جنهن تي عملدارن جواب ڏنو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل 285 ڊالر ۽ پيٽرول 150 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو هو، جنهنڪري اسٽريٽجڪ اسٽاڪ برقرار رکڻ لاءِ مهانگو تيل خريد ڪرڻو پيو.
ڪميٽي ميمبر عامر چشتي جي تجويز تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ اعلان ڪيو ته سمورين 42 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو آڊٽ ڪرايو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته تيل جي ذخيرن ۽ اگهن واري معاملي جي جاچ ايف آءِ اي پڻ ڪري رهي آهي.