سنڌ ۽ پنجاب ۾ اونهاري جي موڪلن جو اعلان

لاهور/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۽ سنڌ حڪومتن اسڪولن ۾ اونهاري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو
پنجاب جي تعليم واري وزير راڻا سڪندر حيات موجب، پنجاب جي اسڪولن ۾ اونهاري جون موڪلون 22 مئي کان شروع ٿينديون ۽ اسڪول 24 آگسٽ تي ٻيهر کلندا.
پنجاب جي تعليم واري وزير جو چوڻ آهي ته سخت گرمي ۽ ٻارڙن جي صحت کي نظر ۾ رکندي موڪلن جو فيصلو وقت کان اڳ ڪيو ويو آهي ته جيئن شاگردن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف جو منهن ڏسڻو نه پوي.
سنڌ ۾ موڪلن جو شيڊيول
ٻئي پاسي، سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ اونهاري جون موڪلون پهرين جون کان شروع ٿينديون جيڪي 31 جولاءِ 2026 تائين جاري رهنديون.
تعليمي ڏينهن وڌائڻ جي تجويز
واضح رهي ته ان کان اڳ حڪومت تعليمي نقصان کي پورو ڪرڻ لاءِ تعليمي سال ۾ پڙهائي جي ڏينهن کي 180 مان وڌائي 190 تائين آڻڻ جي تجويز تي به غور ڪيو هو، ته جيئن سليبس جي وقت تي مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.