پاڪ فضائيه جي شاهينن 52 منٽن جي آپريشن ۾ 4 رافيل سميت 8 ڀارتي جهاز تباهه ڪيا: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ”معرڪه حق“ دوران پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن ڀارتي غرور مٽيءَ ۾ ملائيندي دشمن جي جديد رافيل جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو.
مراد علي شاهه سنڌ ۾ اسيمبلي جي اجلاس دوران ٺهراءُ پيش ڪيو، پيش ڪيل ٺهراءُ جي متن ۾ پاڪ فوج جي شهيدن کي شاندار ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو ته هي ايوان ملڪي دفاع لاءِ ڏنل قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.
وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ تاريخي حوالا ڏيندي چيو ته ڀارت پنهنجو ايٽمي پروگرام پاڪستان کان اڳ شروع ڪيو ۽ مسلسل فالس فليگ آپريشنز ذريعي پاڪستان کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري کيس منهن ٽوڙ جواب مليو.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڀارت کي جنهن رافيل جهازن تي تمام گهڻو ناز هو، اهي پاڪستاني شاهينن جي ڀيٽ ۾ ناڪام ثابت ٿيا. وڏي وزير انڪشاف ڪيو ته پاڪستان جو آپريشن رڳو 52 منٽن جو هو، جنهن ۾ 4 رافيل سميت ڀارت جا 8 جهاز ڪيرايا ويا.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڀارت جا 75 جهاز فضا ۾ هئا پر اهي سڀ پاڪستاني نشاني تي هئا، جڏهن ته 8 مئي تي ڪراچي تائين پهچندڙ ڀارت جا 77 کان وڌيڪ ڊرونز پڻ تباهه ڪيا ويا.
هن وڌيڪ چيو ته رافيل جهاز ڀلي ڪيترو به جديد هجي پر ان کي اُڏائڻ لاءِ دل ۽ گردو گهرجي، جيڪو رڳو پاڪستاني پائلٽس وٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.