قطر کان پاڪستان لاءِ ايل اين جي کڻي ايندڙ ٽيون جهاز ايران جي خاص اجازت آبناءِ هرمز ۾ داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قطر کان پاڪستان لاءِ ايل اين جي کڻي ايندڙ ٽيون جهاز ايران جي خاص اجازت کانپوءِ آبناءِ هرمز ۾ داخل ٿي ويو آهي.
شپنگ ذريعن موجب، اِهو جهاز هن وقت آبناءِ هرمز جي ”هنگم“ ٻيٽ کان اڳتي وڌي رهيو آهي.
پورٽ قاسم جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته هي ايل اين جي اينگرو ٽرمينل تي پهچائي ويندي ته جيئن ملڪي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.
ان کانسواءِ ايل اين جي جو هڪ ٻيو جهاز ”الخريطيات“ به ڪراچي پهچي چڪو آهي، جڏهن ته پهريون جهاز 30 اپريل تي پورٽ قاسم تي لنگر انداز ٿيو هو.
واضح رهي ته گذريل 15 ڏينهن دوران ايران طرفان پاڪستان لاءِ هي ٽيون ايل اين جي جو جهاز آهي جنهن کي پنهنجي سامونڊي حدن مان گذرڻ جي خاص اجازت ڏني وئي آهي، جنهن سان ملڪ ۾ گئس جي فراهمي واري صورتحال ۾ بهتري اچڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.