اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو شڪرگذار آهي ته هن آمريڪي منصوبي ‘پروجيڪٽ فريڊم’ کي عارضي طور تي روڪڻ لاءِ جرئتمند قدم کنيو ته جيئن آبناءِ هرمز مان گذرڻ ۾ جهازن جي مدد ڪري سگهجي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف لکيو ته صدر ٽرمپ جرئتمند قيادت جو مظاهرو ڪيو ۽ پراجيڪٽ فريڊم کي بروقت معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن لاءِ هو شڪرگذار آهي. هن لکيو ته صدر ٽرمپ جو پاڪستان ۽ ٻين ڀائر ملڪن، خاص طور تي سعودي عرب جي بادشاهت ۽ ان جي ولي عهد ۽ وزيراعظم، شهزاده محمد بن سلمان جي درخواست تي هاڪاري جواب، هن نازڪ دور ۾ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ مفاهمت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. شهباز شريف چيو ته پاڪستان رواداري، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جي پرامن حل کي فروغ ڏيڻ وارين سڀني ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اسان کي اميد آهي ته موجوده پيش رفت هڪ پائيدار معاهدي لاءِ رستو هموار ڪندي جيڪا خطي ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائيندي.