سنڌ:5 سالن تائين جي ٻارن لاءِ 3 هزار رپيا وظيفو ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سماجي تحفظ پروگرام تحت پيدائش کان 5 سالن تائين جي ٻارن لاءِ ٽه ماهي 3 هزار رپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي بورڊ جو ٽيون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ سماجي تحفظ جي دائري کي وڌيڪ ڊيگهه ڏيڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ 8 لک 85 هزار ٻارن ۽ ٻهراڙي جي عورتن لاءِ نئين روڪ امداد جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ٻارن جي شروعاتي واڌ ويجهه لاءِ 14 ارب رپين جي وڏي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي.
هن پروگرام تحت پيدائش کان 5 سالن تائين جي ٻارن لاءِ ٽه ماهي 3 هزار رپيا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس دوران وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٻارن جي واڌ ويجهه جي باقاعدي نگراني، خوراڪ بابت رهنمائي ۽ تعليمي تياري کي يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته ٻهراڙي جي عورتن کي غير پيداواري عرصي ۾ ماهوار مالي امداد فراهم ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ چيو ويو ته ”استحڪام فنڊ“ جو مقصد ٻهراڙي جي عورتن کي قرضن جي ٻوجهه ۽ غذائي عدم تحفظ کان بچائڻ آهي.
بريفنگ موجب، ممتا پروگرام کي 22 ضلعن تائين فعال ڪيو ويو آهي جنهن مان 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 56 ارب رپين جي بجيٽ سان مختلف سماجي تحفظ جا پروگرام جاري آهن.
بورڊ مائرن کي وقتائتي ادائيگي يقيني بڻائڻ لاءِ نئون ”هائبرڊ پئمنٽ ماڊل“ پڻ منظور ڪيو، جڏهن ته حمل ۽ ننڍي عمر وارن لاءِ مڪمل ۽ جزوي ادائيگين جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پٺتي پيل علائقن تائين پروگرام وڌائڻ، وڌيڪ 7 ضلعن کي ممتا پروگرام ۾ شامل ڪرڻ ۽ ضلعي توڙي تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتالن ۾ ”ممتا ڊيسڪ“ قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.
ان کانسواءِ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آڊٽ، انساني حقن، قانوني ۽ جاچ ڪميٽين جي جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته مالي سال 2026-27 لاءِ 2.29 ارب رپين جي بجيٽ پڻ منظور ڪئي وئي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪمزور عورتن ۽ ٻارن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت جي ترجيح آهي ۽ صحت، خوراڪ ۽ مالي استحڪام کي گڏ ڪري صوبي جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.