اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي طرفان سڀاڻي کان سنڌ ۾ هڪ ٻيو هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ سڀاڻي کان پارو 47 کان 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، سڀاڻي کان 11 مئي تائين اتر ۽ وچولي سنڌ جا علائقا سخت گرميءَ جي گهيري ۾ هوندا.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته دادو، شهيد بينظير آباد، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي.
ماهرن هدايت ڪئي آهي ته شهري اُس ۾ ٻاهر نه نڪرن، وڌ کان وڌ پاڻي واپرائن، هيٽ ويو دوران ٻار، بزرگ ۽ بيمار ماڻهو خاص احتياط ڪن.