مشهور هالي ووڊ ڳائڻي چيو آهي ته هوءَ ڪاسميٽڪ سرجري نه ڪرائيندي، رپورٽ موجب هن چيو ته هوءَ پوڙهي ٿيڻ لاءِ ڏاڍي پرجوش آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب هالي ووڊ جي مشهور ڳائني بلي ايلش چيو آهي ته هوءَ ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائڻ جو ارادو نٿي رکي، ۽ وضاحت ڪئي ته هوءَ فطري نموني پوڙهي ٿيڻ ۽ وقت سان گڏ پنهنجي ظاهر کي برقرار رکڻ جي خواهشمند آهي۔
24 ورهين جي ڳائڻي هڪ خانگي ميڊيا پليٽ فارم تي انٽرويو دوران ڳالهائيندي چيو ته هوءَ ڏاڍي خوش آهي ته سندس چهرو ۽ جسم پوڙهو ٿئي ۽ هوءَ ان کي تبديل نه ڪري.
هن وڌيڪ ڳالهائيندي ٻڌايو ته اهڙو خيال هن جي ذهن ۾ ان ڪري آيو ته هوءَ چاهي ٿي ته سندس ايندڙ نسل ٻار جڏهن کيس ڏسن ته پاڻ جهڙو محسوس ڪن، نڪي اوپرو بگاڙيل شڪل وارو جيڪو اڄ ڪلهه ٻار نظر اچي ٿو.
ڳائڻي بلي ايلش چيو ته وقت سان سندس سمجهه مٽجي آهي.