عليزي شاهه ڊرامي ۾ رومانوي منظر سبب تنقيد جو شڪار!

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا عليزي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا جي تنقيد هيٺ اچي وئي، پر هن ڀيري ان تنقيد جو ڪارڻ سندس لباس، ميڪ اپ يا وري اسٽائل ناهي پر سندس ڊرامي ۾ رومانوي منظر آهي.

رپورٽ موجب عليزي شاهه جو ڊرامو”خواب ميري“ جو هڪ رومانوي منظر وائرل ٿي ويو جنهن جي ڪلپ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪار اظفر رحمٰن عليزي شاهه کي ڪرندو ڏسي بچائي ٿو.

سوشل ميڊيا واهپيدارن اهڙي رومانوي منظر تي سخت تنقيد ڪئي آهي جڏهن ته عليزي شاهه جي اداڪاريءَ کي به نشانو بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.