اسان شروعات به ناهي ڪئي، آمريڪا لاءِ صورتحال ناقابل برداشت ٿي چڪي آهي: ايران

تهران(ع آ نيوز) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو آهي ته تهران اڃا تائين باضابطه طور تي  پنهنجون ڪارروايون  شروع به نه ڪيون آهن، پر آبناءِ هرمز ۾ موجوده صورتحال آمريڪا لاءِ ناقابل برداشت ٿيندي پئي وڃي. هن واضح ڪيو ته آمريڪا هن سڄي صورتحال جو ذميوار آهي، جنهن جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ‘ايڪس’ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، باقر قاليباف چيو ته آبناءِ هرمز ۾ هاڻي هڪ نئين برابري قائم ٿي رهي آهي.هن آمريڪا ۽ ان جي اتحادين تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ بحري بندش لاڳو ڪري شپنگ ۽ توانائي جي فراهمي جي سيڪيورٽي کي خطري ۾ وجهڻ جو الزام لڳايو.هن چيو ته ايران آمريڪا تي وڌندڙ دٻاءُ کان مڪمل طور تي واقف آهي. هن چيو ته، ‘اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته موجوده صورتحال جو تسلسل آمريڪا لاءِ ناقابل برداشت آهي، جڏهن ته اسان اڃا شروعات به نه ڪئي آهي.’ هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جي شرارت جلد ختم ٿي ويندي.هي بيان اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن خليج فارس ۽ آبناءِ هرمز ۾ آمريڪي فوجي موجودگي ۽ سرگرمين ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن کي تهران علائقائي استحڪام ۽ بين الاقوامي توانائي راهدارين لاءِ خطرو سمجهي ٿو. هوڏانهن ايران جي سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آبنائي هرمز ۾ آمريڪي فوج جي هڪ مبينا حملي ۾ پنج شهري مارجي ويا. رپورٽ موجب، اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ايراني ٻيڙين کي آمريڪا پاران سامونڊي ٽرئفڪ بحال ڪرڻ جي آپريشن دوران نشانو بڻايو ويو. ايراني نيوز ايجنسين موجب، آمريڪي فوج جن ٻيڙين تي حملو ڪيو اهي پاسداران انقلاب سان لاڳاپيل نه هيون، پر اهي شهري ٻيڙيون هيون جيڪي سامان ۽ مسافر کڻي وڃي رهيون هيون. واقعي ۾ پنج ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي خبر پئي.هڪ فوجي آفيسر تسنيم نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته جاچ کان پوءِ اهو معلوم ٿيو ته آمريڪي فوجن ٻن تي حملو ڪيو هو ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڪارروائي جلدبازي ۽ غلط حساب ڪتاب جو نتيجو هئي، جنهن کي پاسداران انقلاب   ٻيڙين بابت آمريڪي خدشن ۽ خوفن جي ڪري قرار ڏنو پيو وڃي.ٻئي طرف، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن 6 ايراني ٻيڙيون تباهه ڪيون ۽ ايران پاران لانچ ڪيل ڪروز ميزائل ۽ ڊرون پڻ ڪيرايا. سينٽڪام جي سربراهه بريڊ ڪوپر جي مطابق، هي ڪارروائي آبنائي هرمز ۾ شپنگ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ جاري آپريشن جو حصو هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.