ڀارت افغانستان ذريعي پراڪسي وار ڪري رهيو آهي: خواجا آصف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان ڀارت جي پراڪسي بڻيل آهي ۽ ڀارت افغانستان ذريعي پراڪسي وار ڪري رهيو آهي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پاڪستاني ۽ افغان طالبان کي ڀارت جي سرپرستي حاصل آهي، اسان سٺي پاڙيسري جيان خطي ۾ امن چاهيون ٿا.
هن چيو ته پاڪ فوج ڀارت کي شڪست ڏئي ان جو غرور مٽي ۾ ملايو، ڀارت ٻيهر پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي جرئت نه ڪندو، اسان کي ذاتي مفاد ڇڏي قومي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.