ٽرمپ کي ناممڪن جنگ يا خراب ڊيل مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسداران انقلاب جي انٽيليجنس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽرمپ کي ناممڪن جنگ يا خراب ڊيل مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
بيان ۾ چيو ويو ته ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت جي مستقل خاتمي لاءِ گڏيل تجويز پيش ڪئي آهي، آمريڪا ان معاملي مان نڪرڻ لاءِ فيس سيونگ چاهي ٿو.
پاسداران انقلاب چيو ته ايران ان تجويز ذريعي معاملو ٻيهر ٽرمپ سامهون رکي ڇڏيو آهي ۽ ايران پينٽاگون کي ناڪابندي بابت ڊيڊ لائن ڏني آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته چين، روس ۽ يورپ جو واشنگٽن خلاف لهجو تبديل ٿي رهيو آهي، آمريڪا جي فيصلا ڪرڻ جي گنجائش محدود ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.