هيٽ اسٽروڪ کان بچائيندڙ 6 غذائون

 

ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر شروع ٿي وئي آهي ۽ ان موسم ۾ جسم کي پاڻي جي کوٽ کان بچائڻ ضروري آهي.
اونهاري ۾ جسم کي گرمي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻڻ تمام ضروري آهي.
مناسب هائڊريشن ۽ اليڪٽرولائٽس ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور غذائون جسم جي گرمي پد کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ هيٽ اسٽروڪ کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون.
هيٺ ڏنل غذائن جو استعمال گرم موسم ۾ توهان جو بچاءُ ممڪن بڻائي سگهي ٿو.
هنداڻو
هنداڻو 90 سيڪڙو پاڻي تي ٻڌل ميوو آهي، ڊي هائڊريشن کان بچڻ لاءِ اهو بهترين آهي، ان ۾ پوٽاشيم ۽ ميگنيشيم جهڙيون ضروري اليڪٽرولائٽس به هونديون آهن، جيڪي جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.
کيرو
کيري ۾ پاڻي جو مقدار وڌيڪ هجڻ سبب اهو به ڊي هائڊريشن کان بچائي ٿو، ان ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن، جيڪي جسم کي ٿڌو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
ناريل جو پاڻي
ناريل جو پاڻي قدرتي طور تي اليڪٽرولائٽس سان ڀرپور هوندو آهي، جيڪو پوٽاشيم، سوڊيم ۽ ميگنيشيم جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ان ۾ ڪيلوريز به گهٽ هونديون آهن ۽ قدرتي مٺاڻ به شامل هوندي آهي، جيڪا پاڻي جي کوٽ ناهي ٿيڻ ڏيندي ۽ توانائي فراهم ڪندي آهي.
ليمو
ليمو وٽامن سي سان ڀرپور هوندو آهي، جيڪو جسم کي ڊي هائڊريشن کان بچائڻ ۽ مدافعتي نظام بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.
ڏهي
ڏهي جو تاثير ٿڌو هوندو آهي، اها ڊي هائڊريشن کان بچائڻ لاءِ موزون ترين آهي، جنهن سان پروٽين، پرو بائيوٽڪس ۽ ضروري غذائي جزا (مثال طور ڪيلشيم ۽ پوٽاشيم) ملندا آهن.
ڦودنو
ڦوندو به قدرتي طور تي ٿڌو هوندو آهي، جيڪو جسم جو گرمي پد گهٽ ڪرڻ ۽ تازگي جو احساس فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.