سائنس جو ڪمال! هاڻي رات جو به سج جي روشني مان بجلي پيدا ٿيندي

سج جي توانائي کي بجلي پيدا ڪندڙ ماحول دوست ذريعو قرار ڏنو ويندو آهي پر ان جي به هڪ حد آهي.
جڏهن رات جو اونداهي ڇائنجي ويندي آهي ته سولر پينلز بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويندا آهن جنهن ڪري ڪيئي ڀيرا ضرورت وقت توانائي ميسر ناهي هوندي.
پر سائنسدانن ان جو هڪ انوکو حل ڳولي ورتو آهي ۽ سج ذريعي پيدا ٿيندڙ توانائي کي رات جو به استعمال ڪرڻ ممڪن بڻايو آهي.
جرنل ايڊوانسڊ انرجي مٽيريلز ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چيني ماهرن ڪاٺ جي اندروني جوڙجڪ کي ري-ڊيزائين ڪري ان کي سوراخن واري اسپنج ۾ تبديل ڪيو ته جيئن اها سج جي روشني کي جذب ڪري گرمي جو ذخيرو ڪري سگهي.
ان تبديل ٿيل ڪاٺ کي سج جي توانائي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، ايستائين جو رات جي وقت به ائين ڪرڻ ممڪن هوندو آهي.
تحقيق موجب، ان طريقيڪار تحت سولر پاور جي سڀ کان وڏي ڪمزوري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.
هينئر تائين رات جي اوندهه ۾ سج جي روشني مان بجلي حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي، پر چيني سائنسدانن موجب، سندن نئين اڳڀرائيءَ سان سج لهڻ کانپوءِ به ماحول دوست توانائي استعمال ڪري سگهبي.
جيتوڻيڪ في الحال ان مقصد لاءِ بيٽري جو استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ سڄو ڏينهن پيدا ٿيندڙ بجلي ذخيرو ٿيندي آهي پر اها ڏاڍي مهانگي هوندي آهي.
چيني سائنسدانن هن نئين طريقيڪار لاءِ مختلف مٽيريلز جي تھن جي ميلاپ بدران هلڪي وزن واري نرم ڪاٺ جو استعمال ڪيو جنهن جي جوڙجڪ قدرتي طور تي اهڙي آهي جنهن کي سولائيءَ سان تبديل ڪري سگهجي ٿو.
بالسا ووڊ نالي اِهو ڪاٺ گرمي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ به سٺو هوندو آهي.
پر ڪاٺ جو هي قسم قدرتي طور تي سج جي روشني کي موٽائي ڇڏيندو آهي ۽ پاڻي کي جذب ڪندو آهي، تنهنڪري ماهرن ان جي اندر موجود هڪ پيچيده ماليڪيول کي ڪڍي ڇڏيو جنهن کانپوءِ ڪاٺ روشني جذب ڪرڻ جي لائق بڻيو.
ان کانپوءِ محققن ڪاٺ جي اندروني سطح کي تبديل ڪري ان ۾ ڪاري فاسفورسين جون تمام سنهيون شيٽون شامل ڪيون جيڪي روشني کي جذب ڪرڻ ۽ برقي عمل لاءِ اهم هونديون آهن.
پوءِ ان ۾ اهڙن نانو ذرڙن جو واڌارو ڪيو ويو جيڪي سج جي روشني تي ردعمل ظاهر ڪندا آهن ۽ هائيڊرو ڪاربن مرڪبن کي ڪاٺ جي سطح جو حصو بڻايو ويو.
آخر ۾ ڪاٺ جي اندروني رڳن ۾ اسٽيريڪ (stearic) ايسڊ جو واڌارو ڪيو ويو ته جيئن اها گرم ٿيڻ تي سج جي روشني کي ذخيرو ڪري سگهي ۽ ٿڌي ٿيڻ تي ان کي ٻاهر ڪڍي سگهي.
محققن ڪاٺ کي تبديل ڪرڻ کانپوءِ پرکيو ۽ رات جي اوندهيءَ ۾ بجلي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
تحقيق موجب، ان ڪاٺ 91.2 سيڪڙو سج جي روشني کي گرمي ۾ تبديل ڪيو ۽ بجلي پيدا ڪئي.
محققن جو چوڻ آهي ته اها بجلي تمام گهڻي پائيدار آهي ۽ هڪ عرصي تائين ان جي ڪارڪردگي ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.
هنن ٻڌايو ته في الحال هي شروعاتي نتيجا آهن ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ثابت ڪري سگهجي ته وڏي پئماني تي هن ڪاٺ کي سج مان حاصل ٿيندڙ توانائي ذخيرو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
جيڪڏهن ماهرن جون ڪوششون ڪامياب ثابت ٿيون ته رات جي وقت به سج مان بجلي جو حصول ممڪن ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.