سمارٽ فون جي بيٽري چارج نه ٿيڻ جا سبب ۽ حل ڄاڻيو

جيتوڻيڪ موجوده دور جا سمارٽ فون ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور ۽ اثرائتا بڻجي چڪا آهن، پر برقي ڊوائيسز ۾ خرابي جو امڪان هميشه رهندو آهي.
اينڊرائيڊ واهپيدارن کي اڪثر هڪ مسئلي کي منهن ڏيڻو پئي ٿو، جڏهن مختلف سببن جي ڪري ڊوائيس چارج نه ٿيندي آهي، ائين اڪثر سافٽ ويئر يا پرفارمنس جي مسئلن جي ڪري ٿيندو آهي ۽ ڪيئي ڀيرا بيٽري فيل ٿي ويندي آهي.
فون ڪِرڻ، گهم يا ڪنهن سافٽ ويئر خرابي جي ڪري جيڪڏهن فون جي چارجنگ رڪجي وڃي ٿي ۽ اهو آن نٿو ٿئي، پر ڪيئي ڀيرا ائين ”ڊيڊ بيٽري“ جي ڪري ٿيندو آهي.
جيڪڏهن ڪا بيٽري مڪمل طور تي ڊيڊ ٿي وڃي ته ان کي ڪافي دير تائين چارج ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، يعني گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 30 منٽن تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي، جنهن کانپوءِ فون جو رسپانس نظر ايندو آهي.
فون مڪمل طور تي ان وقت تائين ڊيڊ رهندي آهي جيستائين بيٽري مناسب حد تائين چارج نه ٿي وڃي. ليٿيم آئيون بيٽرين ۾ هڪ قسم جو ”سليپ موڊ“ به هوندو آهي، جيڪو سرگرم ٿيڻ تي وولٽيج کي روڪيندو آهي ته جيئن بيٽري کي وڌيڪ نقصان نه پهچي.
جيڪڏهن فون ڪجهه دير چارج ڪرڻ جي باوجود به آن نه ٿئي ته پاور اڊاپٽر کي ٻيهر چيڪ ڪريو ۽ پڪ ڪريو ته بجلي جي سپلاءِ مناسب آهي.
عام طور تي بيٽري ڊيڊ ٿيڻ جو مسئلو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان بيٽري کي هر ڀيري زيرو تائين پهچائڻ کانپوءِ 100 سيڪڙو چارج ڪندا آهيو، ان سان بيٽري جي لائف تڪڙي ختم ٿي ويندي آهي.
ماهرن صلاح ڏني آهي ته هر ڀيري بيٽري کي ان وقت چارج ڪريو جڏهن اها 20 سيڪڙو باقي هجي ۽ 80 سيڪڙو تائين چارج ٿيڻ کانپوءِ چارجنگ مان ڪڍي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.