رستن تي بينر ۽ وال چاڪنگ غيرقانوني آهي:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ رستن تي بينر ۽ وال چاڪنگ غيرقانوني آهي، ان جو خاتمو ڪنداسين، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪنهن به سوسائٽي ۾ روڊن تي بينر نه آهن، لاهور يا اسلام آباد ۾ اهڙي صورتحال ناهي، ڪراچي کي صاف ڪرڻ جو مطالبو بينر لڳائي ڪري به ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اسان شهر کي صاف ڪرڻ چاهيون ٿا ته سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پرنٽنگ پريس مالڪن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، روڊن تي بينر لڳائڻ جي اجازت نه هوندي، بينر لڳائڻ وارا حڪومت کي ڪو به ٽيڪس نه ڏيندا آهن، مرتضيٰ وهاب چيو ته مان دڪاندارن کان پڇان ٿو ته اهي غير قانوني سرگرمين جو حصو ڇو بڻجي رهيا آهن، اظهار جي آزادي قانون جي پاسداري سان مشروط آهي، ملڪيت جي بدنامي تي قانون آهي، جيڪڏهن جماعت اسلامي يا منهنجو ڪو به مخالف منهنجي خلاف ڳالهائي ٿو ته پوءِ انهن کي ائين ڪرڻ ڏيو پر شهر ۾ بينر يا چاڪنگ ڪرڻ  غير قانوني آهي، عدالت تازو ئي وال چاڪنگ جي خلاف به فيصلو ڏنو آهي، لڳي ٿو ته بنگالي بابا ڪنهن سان ملي ويو آهي ۽ بنگالي بابا ڪنهن کي ان لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.