جده/تهران(ع آ نيوز) وزيراعظم شهباز شريف هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ هڪ اهم سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب، جده پهچڻ تي، مڪي ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزادي سعود بن مشعل بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو هوائي اڏي تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس موجب، وزيراعظم سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ خطي جي صورتحال تي بحث ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ هڪ اهم سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب، جدي پهچڻ تي، مڪي ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزادي سعود بن مشعل بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق ايئرپورٽ تي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس موجب، وزيراعظم جده ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ خطي جي صورتحال تي بحث ڪيو ويندو. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي سلسلي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد تهران پهچي ويو آهي. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تهران پهچي ويو آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ فيلڊ مارشل سان گڏ آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل جو ايران جو دورو جاري ٽياڪڙي جي ڪوششن جو حصو آهي.تهران پهچڻ تي، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي، ٻين ايراني عملدارن سان گڏ، فيلڊ مارشل ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو.عرب ميڊيا موجب، هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد ايران پهتو آهي جتي اهو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي بحالي جي حوالي سان اهم ڳالهيون ڪندو. قطري نشرياتي اداري الجزيره جي مطابق، ايراني ذريعن چيو آهي ته هي دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. ان کان اڳ، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو هو ته پاڪستان ذريعي آمريڪا سان پيغامن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي ۽ ايران ڳالهين جي حصي طور اڄ هڪ پاڪستاني وفد جي ميزباني ڪندو. ايراني ميڊيا موجب، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ ڳالهين جو ٻيو دور متوقع آهي. ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسين موجب، ايران چيو آهي ته هو اڄ پاڪستاني وفد سان ملاقات کان پوءِ آمريڪا سان ڳالهين جي ايندڙ دور جو فيصلو ڪندو. ايران جي پاسداران انقلاب سان لاڳاپيل تسنيم نيوز ايجنسي موجب، آمريڪا ۽ اسرائيل پاران لبنان سان جنگ بندي تي معاهدي کي ايندڙ ڳالهين جي حوالي سان ايران لاءِ هڪ هاڪاري اشارو سمجهيو پيو وڃي. بهرحال، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا کي ڳالهين لاءِ هڪ "معقول فريم ورڪ” اختيار ڪرڻ گهرجي، ضرورت کان وڌيڪ مطالبن ذريعي ڳالهين جي عمل کي نه روڪڻ گهرجي ۽ جنگ بندي کان اڳ ڪيل واعدن جي خلاف ورزي نه ڪرڻ گهرجي. تسنيم وڌيڪ چيو ته آمريڪي ميڊيا رپورٽن ۾ واشنگٽن جي ڳالهين شروع ڪرڻ جي خواهش جو ذڪر آهي، پر ايراني وفد زور ڏنو آهي ته آمريڪا کي "منصفاڻين ۽ معقول ڳالهين” لاءِ ضروري اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي. آمريڪا ايران سان ڳالهين جي ٻئي دور تي پڻ بحث ڪري رهيو آهي، پر اڃا تائين ڪا تاريخ مقرر نه ڪئي وئي آهي.
واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪا ۽ ايران جنگ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ فريم ورڪ معاهدي جي تمام ويجهو پهچي ويا آهن.آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ موجب آمريڪي اختيارين ٻڌايو آهي ته آمريڪي ۽ ايراني عملدارن وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ سفارتي ڪوششون جاري آهن.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اڱاري ڏينهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ۽ ٻئي ملڪن جنگبندي واري فريم ورڪ معاهدي جي سڀ کان ويجهو مرحلي تائين پهچي چڪا آهن.ٻئي پاسي آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تهران پهچي ويو آهي،ان کان اڳ آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي آمريڪي صدر چيو هو ته جنگ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي، ايران تمام گهڻي شدت سان معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ هڪ حيرت انگيز منظر ڏسڻ ۾ ايندو. آمريڪا جي ترجيح معاهدو ڪرڻ آهي،هوڏانهن هڪ آمريڪي ميگزين دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي کي وڌيڪ ٻن هفتن لاءِ وڌائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.ميگزين موجب، جنگبندي وڌائڻ جو مقصد ڳالهين لاءِ وڌيڪ وقت حاصل ڪرڻ آهي،ٽياڪڙ ملڪ مسئلن جي حل لاءِ ٽيڪنيڪي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.رپورٽ مطابق، انهن مسئلن ۾ آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولڻ ۽ ايران جي ايٽمي افزودگي جو معاملو شامل آهي. جيڪڏهن ٽيڪنيڪي ڳالهيون ڪامياب ٿين ٿيون ته ايندڙ مرحلي جي سياسي ڳالهين لاءِ رستو هموار ٿي سگهي ٿو.آمريڪي اختيارين موجب، هن ڳالهه جي ڪا به ضمانت ناهي ته جنگبندي ضرور وڌائي ويندي، ۽ آمريڪا اڃا تائين ان تي باضابطه طور تي رضامندي ظاهر نه ڪئي آهي.ٻئي پاسي ايران جي پرڏيهي وزارت هن معاملي تي تبصرو ڪرڻ جي درخواست جو فوري طور ڪو جواب نه ڏنو.ان کان اڳ هڪ آمريڪي نيوز ويب سائيٽ به چيو هو ته آمريڪا ۽ ايران جنگ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ فريم ورڪ معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهن، ۽ ٻنهي ملڪن جي اهلڪارن وچ ۾ منگل واري ڏينهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ چيو آهي ته ايران سان جنگ بندي بابت پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو وڃي ٿو، ۽ ڳالهين جو ايندڙ مرحلو ممڪن طور تي اسلام آباد ۾ ٿي سگهي ٿو.ترجمان پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ايران سان ڳالهه ٻولهه مثبت نتيجن طرف وڌي رهي آهي ۽ جاري آهي.هن وڌيڪ چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي جنگ بندي بابت پاڪستان جي سنجيده ڪوششن کي تسليم ڪيو وڃي ٿو، ۽ ايندڙ مرحلي جون ڳالهيون ممڪن آهي اسلام آباد ۾ ٿين. هن اهو به چيو ته ايران سان ڳالهين ۾ پاڪستان واحد ٽياڪڙ طور ڪم ڪري رهيو آهي.ترجمان واضح ڪيو ته آمريڪا طرفان جنگ بندي ۾ واڌ جي درخواست بابت خبرون غلط آهن۔