رياض (م ڊ) سعودي عرب حڪومت حج لاءِ اجازت نامي جي پابندي لازمي قرار ڏئي ڇڏي، بغير اجازت حج ڪرڻ يا ڪوشش تي 20 هزار ريال تائين ڏنڊ لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو، غيرقانوني حاجين کي پناهه يا مدد ڏيڻ تي 1 لک ريال تائين ڏنڊ لڳايو ويندو، سعودي پرڏيهي وزارت موجب پابنديون 1 ذو القعده کان 14 ذي الحج تائين لاڳو رهنديون، وزٽ ويزا رکندڙن کي مڪي شريف يا مقدس هنڌن تائين پهچائڻ وارن تي به ڏنڊ لاڳو ٿيندو، غيرقانوني حج جي ڪوشش ڪندڙن کي ملڪ بدر ڪيو ويندو، اهڙن ماڻهن تي 10 سالن لاءِ سعودي عرب ۾ داخلا تي پابندي لڳندي. رياض (م ڊ) سعودي عرب حڪومت حج لاءِ اجازت نامي جي پابندي لازمي قرار ڏئي ڇڏي، بغير اجازت حج ڪرڻ يا ڪوشش تي 20 هزار ريال تائين ڏنڊ لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو، غيرقانوني حاجين کي پناهه يا مدد ڏيڻ تي 1 لک ريال تائين ڏنڊ لڳايو ويندو، سعودي پرڏيهي /ڏسو صفحو 7 ڪالم 7 وزارت موجب پابنديون 1 ذو القعده کان 14 ذي الحج تائين لاڳو رهنديون، وزٽ ويزا رکندڙن کي مڪي شريف يا مقدس هنڌن تائين پهچائڻ وارن تي به ڏنڊ لاڳو ٿيندو، غيرقانوني حج جي ڪوشش ڪندڙن کي ملڪ بدر ڪيو ويندو، اهڙن ماڻهن تي 10 سالن لاءِ سعودي عرب ۾ داخلا تي پابندي لڳندي.