اسلام آباد (بيورو) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلامي بلاڪ جو قيام وقت جي ضرورت آهي، هن چيو ته مسلمان حڪمران جيڪڏهن گڏ نه ٿيا ته هميشه استعمال ٿيندا رهندا، ايران جو سفير رضا اميري مقدم وفد سان گڏ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهتو، سفير مولانا فضل الرحمان جي ايران بابت موقف تي شڪريو ادا ڪيو، فضل الرحمان چيو ته پاڪستان جو ايران ۽ آمريڪا ڳالهين ۾ ميزباني ڪرڻ اعزاز آهي، اسلامي دنيا کي اتحاد ۽ خودمختياري جو سبق سکڻ گهرجي، ملاقات ۾ مولانا عبدالغفور حيدري سميت ٻين جي يو آءِ اڳواڻن به شرڪت ڪئي.