اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار حامد مير انڪشاف ڪيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ڳالهين لاءِ پاڪستان اچڻ جي خواهش رکي ٿو، پر هن اسلام آباد اچڻ لاءِ هڪ شرط به رکيو آهي۔هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي حامد مير چيو ته کيس پهرين اپريل تي ئي خبر ملي وئي هئي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو پاڪستان ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي، پر معاملي جي حساسيت سبب خبر هلائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته اهڙي خبر جلد ظاهر ٿيڻ سان ڳالهين کي ڇيهو پهچائڻ جون ڪوششون ٿي سگهن ٿيون۔هن وڌيڪ چيو ته ٻئي دور جي ڳالهين بابت به معلومات موجود هئي، پر اهو به چيو ويو ته جيڪڏهن اها خبر هلائي وئي ته آمريڪا، ايران ۽ پاڪستان ٽيئي ان جي ترديد ڪندا، تنهنڪري ڊگهي صلاح مشوري کان پوءِ آخرڪار خبر جاري ڪئي وئي، ۽ هاڻي آمريڪي صدر پاڻ به ان ڳالهه جي تصديق ڪري چڪو آهي۔حامد مير چيو ته کيس ٽرمپ جي بيانن تي مڪمل اعتبار ناهي، ڇو ته ڳالهين دوران ڪنهن به مرحلي تي صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ ٽرمپ پاڻ به دير جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔هن ٻڌايو ته ڳالهين دوران لڳ ڀڳ سڀني معاملن تي اتفاق ٿي ويو هو، سواءِ هڪ نقطي جي، جنهن تي ايران سخت موقف اختيار ڪيو، اهو لبنان ۾ جنگ بندي جو معاملو آهي، جتي ايران ڪنهن به قسم جي لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي۔ٽرمپ جي پاڪستان اچڻ بابت سوال تي حامد مير چيو ته اها خواهش ضرور موجود آهي، جيڪا چيني سفارتي ذريعن کان سامهون آئي آهي، ۽ ڳالهين ۾ ڪيترائي عالمي معاهدا به شامل آهن، جن لاءِ مختلف ملڪن جا ماهر پاڪستان ۾ موجود آهن۔حامد مير موجب ٽرمپ ايران سان ڳالهين کان علاوه اتر ڪوريا سان به ڪنهن معاهدي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن 14 مئي تي چين جو دورو ڪرڻو آهي۔ چيني ذريعن موجب چين آمريڪا کي چيو آهي ته هو چين جي دوري کان اڳ ايران سان معاملو حل ڪري۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ ڪاميابي ملي ته پوءِ چين، آمريڪا ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ به ڪنهن وڏي ڊيل جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا۔ ٽرمپ اهو شرط به رکيو آهي ته جيڪڏهن ايران سان معاهدو ٿئي ٿو ته مسعود پزشڪيان به پاڪستان ايندو۔حامد مير موجب ايران جي مطالبي تي جي ڊي وينس ٽرمپ سان ڳالهه ڪئي، ۽ آمريڪي ذريعن مطابق ٽرمپ حيران ٿيو جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته ايران يورينيم بابت لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي ۽ آبنائي هرمز جي معاملي تي به نرم رويو اختيار ڪري سگهي ٿو۔هن چيو ته لبنان جو معاملو انتهائي حساس آهي، ۽ سندس خيال ۾ هن وقت آمريڪا جي پاليسي تي اصل اثر بنيامين نيتن ياہو جو آهي، تنهنڪري ٽرمپ کي عملي طور ثابت ڪرڻ گهرجي ته هو آزاد فيصلا ڪري ٿو۔حامد مير وڌيڪ چيو ته نيتن ياهو کلي عام چيو آهي ته کيس اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت رپورٽون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته لبنان بابت واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ڳالهين کي حزب الله رد ڪري ڇڏيو آهي، حالانڪه لبنان جي حڪومت ۾ به حزب الله کي نمائندگي حاصل آهي۔ هن چيو ته اسرائيل لبنان ۾ فرقيواريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تنهنڪري ٽرمپ کي واضح موقف اختيار ڪرڻو پوندو۔