پي ايس ايل: قسمت لاهور قلندرز کان رُٺل، مسلسل شڪستن کانپوءِ اهم پرڏيهي رانديگر ٽورنامينٽ مان ٻاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) فرنچائز لاهور قلندرز کي وڏو ڌچڪو لڳي ويو ۽ اهم پرڏيهي بيٽر پرويز حسين ايمان انجري سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
لاهور قلندرز جي ترجمان بنگلاديشي وڪيٽ ڪيپر بيٽر جي پي ايس ايل مان ٻاهر ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پرويز حسين ايمان ڪلهي جي انجري سبب ليگ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
پرويز حسين ملتان سلطانز خلاف ميچ ۾ آصف علي سان ٽڪرائڻ سبب ان فٽ ٿي پيو هو، جڏهن ته هاڻ کيس ٽيم مان رليز ڪيو ويو آهي.
پرويز حسين جي ايم آر آءِ اسڪين ۾ ليگامينٽ ٽيئر جي تصديق ٿي آهي ۽ ڊاڪٽرن ڪرڪيٽر کي مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي.
قلندرز انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٽيم مئنيجمينٽ مڪمل فٽ نه هئڻ سبب کيس اسڪواڊ مان رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، متبادل رانديگر جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.