ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل 6 ڄڻن جو پتو لڳايو ويو ۽ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ جاچ آفيسر ٻڌايو ته جمشيد ٽائون ٿاڻي جي حد مان گم محمد آصف، سميع الله ۽ رضويه سوسائٽي مان گم مجيد، شاهه لطيف ٽائون مان گم جهانزيب واپس گهر پهچي چڪا آهن.
جاچ آفيسر ٻڌايو ته گلشن اقبال مان گم ٿيل ريما پسند پرڻو ڪيو آهي، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا مان گل ٿيل مسرت ايڌي هوم ۾ موجود آهي.
پوليس رپورٽن ۽ درخواستگذارن جي وڪيلن جي اطمينان کانپوءِ عدالت سموريون درخواستون اڪلائي ڇڏيون.
You might also like