ڪنگ بابر اعظم پاڪستان سُپر ليگ جي تاريخ جو وڏو اعزاز ماڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل 11) ۾ لاهور قلندرز خلاف ميچ دوران هڪ ٻيو اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
ڇنڇر ڏينهن ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ بابر اعظم 40 بالن تي 43 رن جي اننگز کيڏي جنهن ۾ 3 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو، ان اننگز دوران هو پي ايس ايل جي تاريخ ۾ 4000 رن ٺاهيندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو، جڏهن ته سندس اسٽرائيڪ ريٽ 127.92 رهيو آهي.
بابر اعظم اِهو ڪارنامو پنهنجي 105 هين ميچ ۾ حاصل ڪيو.
پي ايس ايل جي تاريخ ۾ بابر اعظم جي کاتي ۾ 37 اڌ سينچريون ۽ 2 سينچريون پڻ شامل آهن .
بابر اعظم کانسواءِ فخر زمان 3018 رنسن سان ٻئي، محمد رضوان 2853 رنسن ٽئين، ريلي روسو 2366 سان پنجين ۽ شعيب ملڪ 2350 رنسن سان ڇهين نمبر تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.