نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ شهادتن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
ڀارتي پرڏيهي کاتي جي ترجمان رنڌير جئسوال چيو ته ” ڀارت لاءِ موجوده صورتحال ڏاڍي پريشان ڪندڙ آهي، خاص ڪري ان لاءِ جو ڀارت طرفان گڏيل قومن جي امن فوج ۾ پنهنجا دستا مقرر ڪيل آهن ۽ لبنان جي امن ۽ استحڪام ۾ سڌيءَ ريت دلچسپي رکي ٿو.
ترجمان وڌيڪ چيو ته لبنان ۾ جاري صورتحال تي انڊيا گهري نظر رکي رهيو آهي ۽ ملڪ جي پهرين ترجيح اتي موجود شهرين جو تحفظ آهي.
ترجمان چيو ته ڀارت لبنان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ ان مقصد لاءِ عالمي برادري سان رابطي ۾ آهي.
ترجمان موجب، اسرائيل طرفان جاري حملن سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ڀارت زور ڏنو آهي ته شهري آبادي ۽ ڍانچي جو تحفظ بين الاقوامي انساني قانونن موجب يقيني بڻايو وڃي.
ترجمان اِهو به چيو ته ڀارت لبنان جي خودمختاري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي حمايت ڪري ٿو ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ وارين ڪوششن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو.
You might also like