اسلام آباد/پئرس (ويب ڊيسڪ پاڪستان ۽ فرانس جي پرڏيهي وزيرن لبنان ۾ جنگ بندي جي مبينا سنگين ڀڃڪڙين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ فرانسيسي پرڏيهي وزير زان نوئل بارو جي وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي صورتحال ۽ جاري ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته لبنان ۾ جنگ بندي جو مڪمل احترام ۽ ان تي عمل درآمد علائقائي امن لاءِ اڻٽر آهي.
فرانسيسي پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته فرانس خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو.