ايراني نار مان گذرندڙ جهازن تي ڪنهن به قسم جي پابندي يا ٽيڪس برداشت نه ڪنداسين: برطانوي وزيراعظم

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته ايراني نار مان گذرندڙ جهازن تي ڪنهن به قسم جي پابندي يا ٽيڪس برداشت نه ڪنداسين.
نار وارن ملڪن جي دوري جي پڄاڻي تي برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته ان پوري دوري دوران سڀ کان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه آبناءِ هرمز مان جهازن جي محفوظ گذرگاهه لاءِ عملي منصوبي تي کتل رهي.
واضح رهي ته هي اهم آبي لنگهه دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل ۽ گيس جي فراهمي جو مرڪز آهي، پر ايران تي مڙهيل آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ کانپوءِ هتان گذرندڙ جهازن جي شرح ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو ته هي تڪرار اسان جي ايندڙ نسل کي متعين ڪندو ۽ اسان کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو ۽ اسان مضبوطيءَ سان جواب ڏينداسين.“
سندس چوڻ هو ته هن نار ملڪن جي اڳواڻن سان گڏيل دفاع واري موضوع تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.