پاڪستان تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي:ڀارت ۾ اسرائيلي سفير

نئين دهلي(عوامي آواز نيوز)ڀارت ۾ اسرائيلي سفير ريون عذر  چيو آهي ته اسرائيل پاڪستان کي هڪ قابلِ اعتماد ساٿي طور نٿو ڏسي.هن چيو ته  آمريڪا پنهنجي سببن جي بنياد تي فيصلو ڪيو آهي ته هو پاڪستان جي مدد حاصل ڪري.ريوِن عزر وڌيڪ چيو ته اسرائيل ماضي ۾ به ڏٺو آهي ته آمريڪا ڪيئن قطر  ۽ترڪي  کي حماس  سان معاهدي لاءِ استعمال  ڪيو، پر اسرائيل لاءِ اهم ڳالهه اها آهي ته هو نتيجا ڏسڻ چاهي ٿو، تنهنڪري هو ان مقصد لاءِ آمريڪا سان هم آهنگ رهي ٿو،هوڏانهن گڏيل قومن  ۾ اسرائيلي سفير ڊيني  ڊينن چيو آهي ته اسرائيل اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪندو، پر هو آمريڪا  تي ڀروسو رکي ٿو.ميڊيا رپورٽن موجب جڏهن بلوم برگ طرفان ڊيني ڊينن کان پڇيو ويو ته اسرائيل پاڪستان ۾ پنهنجو وفد ڇو نٿو موڪلي، ته هن واضح ڪيو ته اسرائيل سڌي طرح انهن ڳالهين جو حصو نه بڻجندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.