جَي ڊِي ونس ۽ ٻيا آمريڪي عملدار اسان جا خاص مهمان هوندا: گهرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته آمريڪي نائب صدر سميت ڳالهين لاءِ پاڪستان ايندڙ ٻيا اختيارين اسان جا مھمان هوندا.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي جنهن دوران وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
ان موقعي تي آمريڪي سفير جنگبندي جي آجيان ڪندي پاڪستان جي مضبوط سفارتي ڪردار جي تعريف ڪئي، جڏهن ته ان دوران اسلام آباد ۾ سڀاڻي ٿيندڙ ڳالهين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
گهرو وزير محسن نقوي چيو ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر اسان جا خاص مھمان هوندا.
گهرو وزير ٻڌايو ته فول پروف سيڪيورٽي جي فراهمي لاءِ گڏيل پلان جوڙيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.