لنڊن (ويب ڊيسڪ) يورپي ملڪن ايران-آمريڪا جنگبنديءَ جي آجيان ڪندي سمورن ڌرين کي جنگبندي تي عملدرآمد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
برطانيه، فرانس، اٽلي، جرمني، ڪئناڊا، ڊئنمارڪ، نيڌرلينڊز، اسپين، يورپي ڪميشن، يورپي ڪائونسل ۽ جپان جي اڳواڻن گڏيل پڌرنامو جاري ڪري ڇڏيو.
گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جنگبندي جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ ٻين ڀائيوارن جا ٿورائتا آهيون، ڳالهين جو مقصد جنگ جو تڪڙو ۽ مستقل خاتمو هئڻ گهرجي جيڪو رڳو سفارتي ذريعن سان ئي ممڪن آهي.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته بامقصدٰ معاهدي لاءِ ترت اڳڀرائي جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪريون ٿا، هي ايران جي شهرين جي تحفظ لاءِ انتهائي اهم هوندو ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو.
معاهدو توانائي جي شديد عالمي بحران کي روڪي سگهي ٿو، اسان انهن سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا ۽ ان مقصد لاءِ آمريڪا ۽ ٻين ڀائيوارن سان رابطي ۾ آهيون.
گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته لبنان ۾ به جنگبندي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
برطانيا ۽ يورپي ملڪن پاران پاڪستان جي واکاڻ، لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ جو مطالبو
You might also like